پير محبوب شاهه

پير محبوب شاهه: درويش پير محبوب شاهه جي درگاهه ۽ مقبرو ضلعي جيڪب آباد جي ڳوٺ صاحبڏني سومري لڳ جيڪب آباد ۾ آهي. ان ڳوٺ جي هڪ رهواسي عقيدتمند محمد ڇٽل سومري، پير صاحب جي قبر ۽ مقبرو تيار ڪرايو هو. ان کان پوءِ پري پري کان ماڻهو هن درگاهه تي حاضري ڏيڻ ايندا آهن. هر سال شعبان مهيني ۾ عرس جي موقعي تي هتي ميلو لڳندو آهي. انهن ڏينهن تي ننگر فقر جو انتظام، حاجي محمد ابراهيم سومري ۽ ڊاڪٽر غلام نبي سومري طرفان ڪيو ويندو آهي.


لفظ پير محبوب شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو